سيد غلام قادر شاهه ثاني نصرپوري

سيد غلام قادر شاهه ثاني نصرپوري

سيد غلام قادر شاهه ثاني نصرپوري

سيد غلام قادر شاهه ثاني نصرپوري: سيد غلام قادر شاهه ثاني، نصرپور ۾ 1941ع ۾ ڄائو. سندس والد جو نالو مريد علي شاهه هو. هن جا وڏا عظيم صوفي شاعر ۽ ڪافين جي بادشاهه حضرت سيد مصري شاهه امام جي درگاهه جا سجاده نشين ٿيندا آيا آهن. والد جي وفات کانپوءِ سيد غلام قادر شاهه ثاني سجاده نشين مقرر ٿيو. پرائمري (سنڌي)، اديب فاضل (سنڌي) ۽ مئٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪيائين. ان کانسواءِ عربي ۽ فارسي ٻوليون به سکيائين. حضرت مصري شاهه امام جي ڪلام تي مشتمل رسالو ’ڪليات مصري شاهه‘ ڇپائي شايع ڪرايائين ۽ ’مصري شاهه ميموريل ڪوآپريٽو ڪائونسل‘ قائم ڪيائين. نصرپور ۾ ناياب علمي ۽ ادبي ڪتابن جو ذخيرو گڏ ڪري لائبرري قائم ڪيائين. اڄ به هزارين ناياب ڪتاب لائبرريءَ ۾ موجود آهن. هن پهرين آگسٽ 1982ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو